9 مئي واقعن خلاف سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان اسيمبلين ۾ مذمتي ٺهراءَ منظور

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان اسيمبلين ۾ 9 مئي واقعن خلاف مذمتي ٺهراءَ منظور ڪيا ويا.
9 مئي واقعي تي سنڌ اسيمبلي ۾ گڏيل مذمتي ٺهراءُ منظور ڪيو ويو، جنهن ۾ هڪ سال اڳ ٿيندڙ ان واقعي کي ملڪ خلاف گهري سازش قرار ڏنو ويو.
پنجاب اسيمبلي 9 مئي سانحي کي شرپسند عنصرن ۽ هڪ جماعت جي سازش قرار ڏيندي ذميوارن ۽ منصوبا سازن خلاف ڪارروائي جو مذمتي ٺهراءُ منظور ڪيو.
پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءَ خلاف اپوزيشن ميمبرن گوڙ ڪندي اسپيڪر ڊائس جو گهيرو ڪيو.
هوڏانهن ايم ڪيو ايم 9 مئي واقعي خلاف قومي اسيمبلي ۾ مذمتي ٺهراءُ جمع ڪرائي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.