اهل آفيسر جو نالو سمري ۾ نه هوندو ته معاملو  عدالت وڃي سگهي ٿو: شاهد خاقان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي جو چوڻ آهي ته آرمي چيف جي مقرري لاءِ اهل جنرلز جا نالا وزيراعظم وٽ آيا آهن، ڪنهن اهل آفيسر جو نالو سمري ۾ شامل نه هوندو ته معاملو عدالت ۾ چئلينج ٿيندو آهي.

نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته وزيراعظم پاڻ ڪنهن به آفيسر جي مقرري ڪري سگهي ٿو يا وري نون نالن جي سمري به گهرائي سگهي ٿو.

شاهد خاقان جو چوڻ هو ته بي يقيني جي عادت ٿي وئي آهي، نئين آرمي چيف جي مقرري معمول جو عمل آهي، وزيراعظم وٽ سمري ايندي آهي، اهو مقرري ڪري ڇڏيندو آهي، مقرري آخري ٻن کان ٽن ڏينهن ۾ ٿيندي آهي، اها روايت آهي ته آرمي چيف آخري ڏينهن تائين ڪم ڪندو آهي، آرمي چيف کي الوداعي دورا ڪرڻا هوندا آهن.

هن چيو ته آئين موجب سمري اچڻي آهي، سمري ۾ سمورن اهل جنرلز جا نالا هوندا آهن، جيڪڏهن اوهان سمري ۾ اهل نالو شامل نه ڪندا ته مسئلو ٿي سگهي ٿو، اهل نالو شامل ٿيڻ يا نه ٿيڻ کي عدالت ۾ چئلينج ڪري سگهجي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.