لاس اينڊ ڊيميج فنڊ جو قيام پاڪستان لاءِ هڪ وڏي ڪاميابي آهي: بلاول ڀٽو

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ماحولياتي انصاف جي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ جو قيام ۽ مالياتي انتظام پاڪستان ۽ اسرندڙ ملڪن لاءِ هڪ وڏي ڪاميابي1 آهي. ڪالهه پنهنجي بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان جي قيادت ۾ موسمياتي انصاف ۽ جي – 77 لاءِ تاريخي ڪاميابي سان گڏ ڪوپ – 27 ڪاميابي سان پڄاڻي تي پهتي جنهن ۾ هن مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ فنڊز ۽ مالياتي انتظامن لاءِ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ کي ايجنڊا جو حصو بڻايو ويو. هن مصر جي پرڏيهي وزير سامع شوڪري کي تاريخي ڪوپ – 27 جي ميزباني تي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهڪارين جو باقاعده مشاهدو ڪرڻ کانپوءِ مون گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ماحولياتي انصاف لاءِ آواز اٿاريندي ماحولياتي انصاف جي وڪالت ڪئي. هن پنهنجي سربراهي گروپ 77 جي رٿيل اجلاس دوران اتفاق راءِ سان پاڪستان جي تجويز جي منظوري جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي تجويز تي لاس اينڊ ڊيميج کي ڪوپ – 27 جي ايجنڊا جو حصو اتفاق راءِ سان بڻايو ويو. پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته ڳالهين جي پڄاڻي تي اسان ان اتفاق راءِ کي برقرار رکيو آهي ۽ ان ۾ فنڊ ۽ مالياتي انتظامن کي پڻ شامل ڪيو ويو آهي، پرڏيهي وزير آمريڪا جي ماحوليات بابت خاص صدارتي ايلچي جان ڪيري سان مصر ۾ ۽ فون تي ٿيل ڳالهين جو پڻ ذڪر ڪيو جنهن ۾ هن ماحوليات بابت قيادت کي ساراهيو ۽ جي -77 لاءِ تعاون جي درخواست ڪئي ته جيئن نقصانن ۽ انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ مالياتي انتظامن کي عملي شڪل ڏئي سگهجي. هن جي -77 جي سمورن ميمبرن ۽ چين جو پاڪستان جي اڳواڻي تي مسلسل اعتماد ۽ حمايت تي خاص طور تي ٿورو مڃيو. ڪوپ – 27 ۾ پاڪستان جي ٽيم ۾ شامل پرڏيهي وزير ۽ ماحولياتي تبديلي جي وزارت جي ميمبرن وفاقي وزير شيري رحمان جي سربراهي ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ عالمي سطح تي تمام وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. پرڏيهي وزير موسمياتي تبديلي جي خطرن ۾ ورتل اسرندڙ ملڪن لاءِ لاس اينڊ ڊيميج جي حمايت ڪئي ۽ ان جي صدارت ۾ نيويارڪ جي 77 ۽ چين جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ ان جي توثيق ڪئي وئي، بلاول ڀٽو زرداري ان حوالي سان چيو آهي ته هي پاڪستان ۽ سموري دنيا جي اسرندڙ ملڪن لاءِ هڪ تمام وڏي ڪاميابي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.