سکر ۽ ڊيرا اسماعيل خان ائيرپورٽس کي انٽرنيشنل بڻائڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي سرڪار سکر ائيرپورٽ کي انٽرنيشنل بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران هوابازي واري وزير خواجا سعد رفيق اعلان ڪيو ته سکر ۽ ڊيرا اسماعيل خان ايئرپورٽ کي انٽرنيشنل بڻائيو پيو وڃي.

هن چيو ته ٻنهي ائيرپورٽ کي اپ گريڊيشن لاءِ شروعاتي ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، جڏهن ته ڪراچي ايئرپورٽ جي رن وي کي اپڊ گريڊيشن ڪرڻ پيا وڃون.

وفاقي وزير چيو ته سڀ کان وڌيڪ آمدني لاهور ايئرپورٽ جڏهن ته فيوچر پوٽيشنل اسلام آباد ايئرپورٽ جو آهي.

هوابازي واري وزير چيو ته ماضي ۾ سياسي بنيادن تي ايئرپورٽ ٺاهيا ويا، جيڪي نه ٺهڻ گھرجن ها، سياسي بنيادن تي ايئرپورٽ ٺاهي رياست جا اربين رپيا خرچ ڪيا ويا.

سعد رفيق چيو ته ملڪ ۾ 47 مان 17 ايئرپورٽس آپريشنل آهن، پر اسان وٽ جهاز ناهن، قومي ايئرلائن جي فيلڊ پلاننگ ڪمرشل بنيادن تي نه ڪري غلطي ڪئي وئي.

هن وڌيڪ چيو ته اسان وٽ 12 بوئنگ 777 جهاز آهن، دنيا انهن مان جان ڇڏائي رهي آهي، اسان کي 100 سيٽن وارا جهاز گھرجن پر خريدڻ لاءِ پئسو ناهي، ڪوشش آهي ته ليز تي جهاز خريد ڪيا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.