ٻارڙي کي قتل ڪندڙ سيڪيورٽي گارڊ جو ٺڪاڻو هٿ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي بوٽ بيسن ۾ ٻار کي قتل ڪندڙ سيڪيورٽي گارڊ جو پتو پئجي ويو.

ڪراچي پوليس پاران ڪي پي ڪي ۾ جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا ويا پر ڇاپي کان اڳ جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

جوابدار محمد جان فرنٽيئر فورس (ايف سي) جو ريٽائرڊ اهلڪار آهي ۽ ڄاڻايل ڪارروائي ٽيڪنيڪل بنيادن تي ڪئي.

پوليس اختيارن موجب جوابدار جي گرفتاري لاءِ پوليس پارٽي ڪي پي ڪي ۾ موجود هوندي ۽ جوابدار جي تڪنيڪي نگراني ڪئي ويندي.

واضح رهي ته بوٽ بيسن ۾ دعا هوٽل جي ويجهو ريسٽورنٽ کان ٻاهر هٿ ٽنگڻ تي سيڪيورٽي گارڊ ٻار کي گولي هڻي ماري ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.