ڪراچي ۾ گئس سلينڊر ڌماڪو، 5 ڀاتي زخمي

ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي جي علائقي نيوگوليمار جي هڪ  گھر اندر سلينڊر جي ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ ئي گهر جا 5 ڀاتي زخمي ٿي پيا.ريسڪيو عملدارن موجب واقعو نيو گوليمار جي علائقي ڦول واري گهٽي ويجهو پيش آيو، جتي کاڌو پچائڻ دوران سلينڊر ڦاٽڻ سبب زال مڙس ۽ سندن ٽي ٻار سڙي زخمي ٿي پيا،  زخمين کي سول اسپتال جي برنس وارڊ منتقل ڪيو ويو جن کي طبي امداد ڏني پئي وڃي. ريسڪيو ذريعن موجب زخمين ۾ 45 ورهين جو وسيم، سندس زال امبرين، 2 ڌيئرون 10 سالن جي رباب، 7 سالا ام حبيبه ۽ هڪ پٽ 12 سالا سميع شامل آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.