سکر شهري اتحاد جو چيئرمين ۽ جي يو آءِ اڳواڻ روڊ حادثي ۾ زخمي

سکر (رپورٽر ) سکر شهري اتحاد جي چيئرمين، جي يو آءِ جي اڳواڻ ۽ سکر جي ناليواري سماجي شخصيت مولانا عبيدالله ڀٽو روڊ حادثي ۾ زخمي ٿي پيو آهي ان ڏس ۾ مولانا عبيدالله ڀٽو چهل قدمي لاءِ گهران نڪتو ته نامعلوم موٽر سائيڪل سوار کيس ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ هو زخمي ٿي پيو ۽ موٽر سائيڪل سوار  فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته واقعي جي اطلاع تي سندس وارثن پهچي کيس علاج لاءِ سول اسپتال پهچايو جتي ڊاڪٽرن جي هڙتال سبب مولانا کي نجي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي، هوڏانهن واقعي تي سکر جي سياسي سماجي ڌرين گهري افسوس جو اظهار ڪندي مولانا جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.