ڊالر چڙهي ويو، مهانگائي ۽ آءِ ايم ايف جو بار به عوام تي، اسحاق ڊار اسٽينڊنگ ڪميٽي طلب

اسلام آباد (م ڊ) قومي اسيمبلي جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ناڻي بابت وفاقي وزير اسحاق ڊار کي طلب ڪري ورتو. قومي اسيمبلي جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس قيصر احمد شيخ جي سربراهي ۾ ٿيو. ن ليگ اڳواڻ برجيس طاهر چيو ته اسحاق ڊار کي ڪميٽي ۾ اچڻ گهرجي، هن ڊالر 200 رپين کان هيٺ آڻڻ جو اعلان ڪيو هو. هن چيو ته پيٽرول، بجلي ۽ گئس وڌيڪ مهانگي ٿي رهي آهي، آءِ ايم ايف به وڌيڪ مهانگائيءَ لاءِ بار وجهي رهيو آهي، مهانگائي 30 سيڪڙو تائين پهچي رهي آهي، حڪومت مهانگائيءَ تي ڪڏهن ضابطو آڻيندي؟ حڪومت عوام کي ڪڏهن رليف ڏيندي ۽ ڪيترو انتظار ڪرڻو پوندو؟ ڪميٽي چيئرمين چيو ته ڊالر ۽ مهانگائي تي ضابطو نه پيو اچي، حڪومت کي 7 مهينا ٿي ويا آهن، هيل تائين ڪهڙا سڌارا آندا ويا آهن؟ قيصر احمد شيخ چيو ته وڌيڪ قرض وٺڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا، قرض 4 هزار ارب رپين کان وڌي ساڍا 4 هزار ارب رپيا ٿي ويندو. ڪميٽي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار کي اربع تي طلب ڪري ورتو.  03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.