پاڪستان جو طيب اڪرام انٽرنيشنل هاڪي فيڊريشن جو نئون صدر چونڊجي ويو

پاڪستان جو طيب اڪرام انٽرنيشل هاڪي فيڊريشن جو نئون صدر بڻجي ويو آهي.

پاڪستان پنهنجي قومي راند جي حوالي سان هڪ ٻيو اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي طيب اڪرام انٽرنيشنل هاڪي فيڊريشن جو نئون صدر چونڊجي  ويو آهي.

ايشين هاڪي جي چيف ايگزيڪٽو طيب اڪرام جو بئليجيم جي مارڪ ڪيوڊن سان مقابلو هو، ۽ ٻنهي اميدارون لاءِ ووٽنگ وارو سسٽم آن لائين هو، ورچوئل اجلاس ۾ پاڪستان سميت 129 ميمبر ملڪن ووٽنگ ۾ حصو ورتو.

ايشين هاڪي جي چيف ايگزيڪٽو طيب اڪرام 79 ووٽ کڻي صدر چونڊجي ويو، جڏهن ته سندس مقابلي ۾ بيٺل بئلجيم جي مارڪ ووڊ 47 ووٽ کڻي سگهيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.