سرڪاري ملازمن جو اهم الائونس بند

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ سرڪاري ملازمن جو ميڊيڪل الائونس ختم ڪرڻ جون سفارشون پنجاب جي ناڻي واري کاتي پنجاب حڪومت کي جمع ڪرائي ڇڏيون آهن.

پنجاب ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ واڌ سبب صوبائي خزاني تي بار وڌندو پيو وڃي، ان کي گهٽائڻ لاءِ سڀ کان وڌيڪ سڌارا آڻڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، حڪومت انهن سفارشن جي منظوري ڏئي ڇڏي. سرڪاري ملازمن کي پگهارن ۾ ميڊيڪل الائونس نه ڏيڻ سان ساليانو 19 ارب رپين جي بچت ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.