خيرپور مان موٽرسائيڪل چوري ڪندڙ گروهه جا 9 جوابدار گرفتار

خيرپور(رپورٽ : شاهد نواز سيال) خيرپور پوليس جي  اهم ڪاروائي موٽر سائيڪل چوري ڪندڙ گينگ جا 9 جوابدار گرفتار سندن قبضي مان 15 موٽر سائيڪلون 4 عدد ٽي ٽي پسٽول ۽ ٻه ماسٽر چاٻيون هٿ ڪيون ويون، ان سلسلي ۾  ايس ايس پي خيرپور مير روحل خان کوسو پنهجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته موٽرسائيڪل چوري ڪندڙ گينگ جا 9 جوابدارجبار شيخ ،نجم الدين بروهي، جاويد شر، اختر منگي، اڪمل هاليپوٽو، ذاڪر ملاح ،جعفر شاھ ،شڪيل اڄڻ ،عبدالرحمان ٻرڙو ۽ ٻين کي گرفتار ڪيو آهي هن وڌيڪ ٻڌايو ته  جوابدار خيرپور جي مختلف علائقن مان موٽر سائيڪلون چوري ڪرڻ ۽ ڦر ڪري ٻين شهرن ۾ وڪرو ڪندا هيا، جوابدارن پاران موٽر سائيڪلون چوري ۽ ڦر ڪرڻ واري ڏوھ جو اعتراف ڪيو آهي، هڪ ٽيم جوڙي آهي جيڪا ٽينٽ سٽي ۾ وڃي هر ماڻهو جا اين آءِ سي ڪارڊ ويريفاءِ ڪري رهيا آهيون ته جيئن ڪو به ٻئي ضلعي مان آيل ٻوڏ متاثر ڪو ڏوهاري قسم جو ماڻهو ته نه  آهي اگر انهن جا ڪارڊ ويريفاءِ ڪرڻ کان بعد هو ڏوهاري نڪتا ته انهن کي گرفتار ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.