ممئبي وارن کي ته گاريون ڏيڻ به نٿيون اچن: شاهه رخ خان

ممبئي وارن کي ته گاريون ڏيڻ به نٿيون اچن: شاهه رخ خان

پرڏيهي ميڊيا اداري موجب شاهه رخ خان چيو آهي ته سندس جهيڙا ٿيندا هيا ۽ پوليس به کيس وٺي ويندي هئي.

بالي ووڊ جي بادشاهه شاهه رخ خان چيو آهي ته جڏهن هو ممبئي وارن کي گار ڏيندي ٻڌندو آهي ته حيران ٿي ويندو آهي ڇاڪاڻ ته ممبئي وارن کي گار ڏيڻ به نٿي اچي.

اداڪاري سان ڪروڙين دلين تي راڄ ڪندڙ اداڪار شاهه رخ خان جي پيءُ جو تعلق پشاور جڏهن ته ماءُ حيدرآباد دڪن سان آهي پر هو نئي دلي ۾ پلجو.

شاهه رخ خان ڪو پراڻو انٽرويو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو آهي جنهن ۾ هو مشهور ڀارتي اداڪارا پريتي زنٽا کي دلي بابت يادگيريون ٻڌائيندي ڏسي سگهجن ٿا.

ڪنگ خان چيو ته هو دلي رهندو هو ۽ هاڪي کيڏندو هو ۽ روز جهيڙا ٿيندا هيا جنهن ۾ پوليس کين وٺي ويندي هئي.

شاهه رخ خان چيو آهي ته بدمعاشي ڪندڙن کي دلي ۾ شودا چوندا آهن، جڏهن هو ممبئي ۾ غنڊا گردي ڏسندو آهي ته سوچيندو آهي ته اهڙا شودا ته هو گيدي ۾ رکي گهمندو آهي.

هن چيو ته دلي ۾ غنڊاگردي اهڙي هئي جڏهن ته ممبئي جي غنڊاگردي کل جوڳي آهي، هتي ته ماڻهن کي گارگند ڪرڻ به نٿو اچي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.