ٽنڊو آدم جي هنجوري ڍنڍ مان پاڻي نيڪال نه ٿيو، اڪثر علائقا ٻڏل، احتجاج

ٽنڊو آدم ( رپورٽ: ممتاز حيدري )  ٽنڊوآدم ۾ برسات کي تقريبن  هڪ مهينو گذرڻ باوجود به گندي پاڻي جي هنجورڻ ڍنڍ مان پاڻي نيڪال ٿي نه سگهيو جنهن ڪري گندو پاڻي شهر جي جمن شاهه پاڙي، وشن آباد ، ٽهل آباد، مڱڻهار پاِڙي ، پنجابي محله سميت ڳوٺ فقيرمحمد شاهه ، ڳوٺ محمد خان  لنجواڻي، ڳوٺ حبيب خان مري، بسم الله ٽائون، نرواڻ ڪڇي ڪالوني، سيد سٽي  سميت مختلف هنڌن تي پاڻي بيٺل آهي جيڪو گهرن ۾  به داخل ٿي ويو آهي جنهن ڪري رهواسي سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا  آهن ان سلسلي ۾ اتان جي رهواسين جي وڏي انگ جن ۾ عورتون ۽ ٻارڙا پڻ شامل هئا ايم اي جناح روڊ تي ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو جنهن سبب روڊ بلاڪ ۽ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. مظاهري جي اڳواڻي ڪندڙ روبينه بڙدي، زهره خاصخيلي، شمع چانڊيو ، رضيه خاصخيلي، امجد خاصخيلي ، الطاف خاصخيلي ، جاويد مڱنهار ، صداقت خاصخيلي ، سميت بين ميڊيا آڏو داهيندي چيو ته برساتن بعد گندي پاڻي جي ڍنڍ ۾ پاڻي ڀرجڻ ڪري اهو اسان جي علائقن ۾ داخل ٿي ويو آهي جيڪو گهرن ۾ اچي ويو آهي جنهن ڪري اسان گهرگهاٽ ڇڏي ڪيمپن ۽ اسڪولن ۾ ويٺل آهيون جتي ڪابه سهولت ميسر ناهي.  انتطاميه ۽ چونڊيل نمائندن پاران ڪابه واهر ناهي ڪئي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.