اڪري جي ريليف ڪئمپ ۾ سهولتن جي کوٽ خلاف ڌرڻو

اڪري چودڳي (ن ع آ)  اڪري ڀرسان سرڪاري هاءِ  اسڪول اڪري  ۾ قائم رليف ڪئمپ ۾ عارضي طوررهائش پذيربرسات ۽ٻوڏمتاثرن  پاران سرڪاري ڪئمپ ۾ سهوليتن جي کوٽ خلاف اڪري وايا لاکاروڊ شهر لنڪ روڊ تي رڪاوٽون رکي ٻه ڪلاڪ ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو ويو احتجاج ڪندڙ صغير شر نابين علي مراد شر حافظ منور سميت ٻين دانهيندي چيو اسان کي ھتي قيد ڪري رکيو آهي ۽ڪوبه سرڪاري عملدار سار لهڻ نه آيو آهي ڪئمپ ۾ امداد به من پسند ماڻهن۾ تقسيم ڪئي وئي آهي 5 ڏينهن برياني ڏيڻ بعد اها به 20 ڏينهن کان بند ڪئي ويئي هنن دانهيندي الزام هڻندي چيو ته  اي سي فيض گنج توڙي مختيار پڻ هڪ ڏينهن به ڪئمپ تي اچي حال پرسي ناهي ڪئي تڪ جا چونڊيل نمائندا پڻ ڪئمپ تي اچڻ جي زحمت ناهي ڪئي ڪئمپ ۾ سهوليتن ۽کاڌ خوراڪ جي کوٽ سبب ڪئمپ ۾ موجود معصوم ٻار معذور ماڻھو توڙي عورتون بک تي ويٺل آھن ڪئمپ ۾ مليريا بخار گيسٽرو وبا بڻجي پکڙجي ويون آهي پر سرڪاري طور تي ڪئمپ به ناهي لڳائي ويئي جنهن سبب اسان بي يارو مددگار بڻيل آهيون هنن چتاء ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ڪئمپ ۾ بنيادي سهوليتن سميت کاڌ خوراڪ ۽ڊاڪٽرجو دوائن سميت بندوبست نه ڪيو ويو ته ٻي صورت ۾ هڪ ڏينهن بعداڪري چودڳي شهر کان مھراڻ ھاء وي بند ڪري سخت احتجاج ڪيو ويندو ٻہ ڪلاڪ جي ڌرڻي سبب مقامي ٽرئفڪ بند رهي جنهن بعد مقامي ماڻھن جي مداخلت ۽ زميوار عملدارن سان ڳالهائڻ جي خاطرين بعد احتجاج ڪندڙن پاران روڊ کوليوويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.