ٿرپارڪر ۾ تيز وسڪاري سبب پوکيل فصلن کي نقصان

مٺي(رپورٽ : غازي بجير) ٿر تي سيپٽمبر مهيني جي برساتن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي،اُنهي سلسلي ۾ گذريل ڏينهن تيز طوفاني برسات پئي،مٺي ۾ 25 ملي ميٽر،اسلام ڪوٽ ۾ 30 ملي ميٽر،ڏيپلو ۾ 20 ملي ميٽر،ننگرپارڪر ۾ 10 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي،تيزهوا ۽ طوفان سبب اڪثر پڪل فصلن کي نقصان پهتو،اناج سان تيار ٿيل ٻاجهر ۽ گوار جو فصل زمين تي ڪري پيو آهي،اُنهي سان گڏ باقي فصلن کي برسات سبب فائدو ٿيو آهي،کنوڻن جي تجلن ۽ گجگوڙ سان برسات شام کان رات تائين وسندي رهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.