ڪوهستان جي ماڻهن جي مالڪي ٿيڻ گهرجي

تحرير: گاگنداس ڪوهستاني

هونئن ته برساتون ڪوهستان لاءِ تمام گهڻو فائديمند هونديون آهن، جڏهن کيرٿر جي جابلو سلسلن ۾ موجود ٽڪرين ۽ ميدانن تي برسات جون ڪڻيون پونديون آهن ته رڳو ساوڪ ئي ساوڪ ٿي ويندي آهي، انسان، وڻ ٽڻ، مال متاع سکيو ۽ ستابو ٿي ويندو آهي، هن وقت به سڄو ڪوهستان سائي چادر سان ويڙهيل آهي، پر ڪوهستان جي ماڻهن ۾ هن وقت اها خوشي موجود ناهي، جيڪا برساتن پوڻ کان پوءِ سندن چهرن تي پئي جهلڪندي آهي، ڇو ته هن ڀيري سانوڻي جي پيل تيز برساتن ڪوهستان کي به سخت متاثر ڪيو آهي، مٿانهين وارا علائقا ته ڪجهه بچيل آهن، پر اهي ميداني علائقا جن ۾ تيز برساتن کان پوءِ پهاڙن جو پاڻي تيزي سان هيٺ پئي لٿو، انهن علائقن جي ماڻهن، مال، گهرن ۽ فصلن کي ان برسات جي پاڻي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي.

برسات ايتري تيز ٿي جو دراوت ڊيم جو پاڻي پھريون دفعو اوور فلو ٿي وھڻ لڳو، جنھن ڪوھستان جا ڪيترائي ڳوٺ ٻوڙي ماڻهن کان خوشي کسي ڇڏي، برساتن پوڻ ڪري هزارن جي تعداد ۾ ڪوهستان جي مسڪين ماڻهن جا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا، جنهن ڪري لکين ماڻهو متاثر ٿيا، ماڻھن جا تيار ٿيل فصل تباهه ٿي ويا، لکين روپين جا سولر سسٽم اڏامي ويا، ماڻھن جو مال مري ويو، ڪوھستان جا 3 نوجوان برسات جي پاڻيءَ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويا، برساتن دوران ڪوھستان جون 28 ديھون سخت متاثر ٿيون. سانوڻي جي برساتن جي لاڳيتي وسڪاري کان پوءِ کيرٿر، ايري، ڪانڀو، ديدار، گڏو لڙو، سوجاڻو، هنڊي روهيس، کوٿار، ڪارو، موسه جبلن تان تيز ترين وهندڙ پاڻي نئين باراڻ موڙائي، ڏيسوي موڙائي، مٺڙي، لوياڇ، مول، ٿڌو ذريعي جبلن جو تيز پاڻي وهندو رهيو، جنهن ڪري مول، ٿڌو، ڪلمتاڻي رک، ڏاٺ، سري ڪاپٽ ڀال، ريڪ، سک، ڪرچات، سمال ڊيمن سميت ميگا پروجيڪٽ دراوت ڊيم کي مڪمل طور تي ڀري ڇڏيو، پاڻي وڌيڪ اچڻ ڪري ڊيم اوور ٽاپ ٿيندا رهيا، جنهن ڪري ڪوهستان جو سڄو علائقو تباهه ٿي ويو، ماڻهن جو هڙ لڙهي ويو، ڪاروبار تباهه ٿي ويا، ايتري حالت خراب ٿي جو ماڻهن وٽ کائڻ پيئڻ لاءِ به ڪجهه نه رهيو. ڪوهستان ۾ لنڪ روڊ نه هجڻ، ڪچن رستن تي، نين تي پلون نه هجڻ سبب زميني رابطا مرڪزي شهرن ٿاڻو بولاخان، نوري آباد، سري، ڪاٺوڙ، گڏاپ تائين ڪٽجي ويا. ٿاڻوبولاخان کان ٿاڻو عارب خان، ڪرچات، تونگ ڀال تائين بس سروس توڙي ننڍيون گاڏيون بند رهيون، جنهن ڪري عام زندگي مفلوج ٿي وئي.

کيرٿر پهاڙي سلسلن جي ماڻهن کي برسات تمام گهڻو متاثر ڪيو، سندن مال متاع به سخت تڪليفن ۾ پئجي ويو، مال ۾ مختلف قسمن جون بيماريون پيدا ٿي ويون، ڪيترائي مسڪين ماڻهو برساتن دوران مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آهن، گيسٽرو، مليريا ۽ ٻيون ڪيتريون ئي بيماريون پکڙجي ويون آھن، گيسٽرو سبب 5 کان وڌيڪ ٻار فوت ٿي چڪا آھن ۽ ڪيترائي ماڻهو سخت بيمار آهن. جيتوڻيڪ سڄي سنڌ برسات ۽ ٻوڏ سبب سخت متاثر ٿي، جنهن ڪري ٻوڏ متاثر علائقن مٽياري، ٽنڊوالھيار، عثمان شاهه ھڙي، دادو، ميھڙ، ڪي اين شاهه، ميرپوربٺورو، سجاول، سن ۽ مانجھند مان برسات متاثر ماڻهو وڏي تعداد ۾ پنهنجي مال سميت هن علائقي ۾ پهتل آهن، جيڪي پڻ واهر جي انتظار ۾ ويٺل آهن.

جيتوڻيڪ صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي انهن ماڻهن جي پنهنجي وس آهر مدد ڪري رهيو آهي، پر جن کي واهر ڪرڻي هئي، اتان ڪا به واهر ناهي ٿي، جماعت اسلامي، پاڪستان ھندو ڪائونسل، ڄامشورو اتحاد ۽ ووڪ تنظيم پڻ هتي پهچي ماڻهن جي مدد ڪئي آهي، پر ڳالهه رڳو هڪ ڪٽو راشن ۽ ٻه ويلا ماني پهچائڻ جي ناهي، ڳالهه اها آهي ته هنن ماڻهن جي پنهنجن علائقن ۾ ٻيهر عزت ڀريي نموني سان بحال ڪيئن ٿي سگهندي، ان ڳالهه تي ڪير به سوچڻ وارو ناهي.

هتان جا برسات ۽ ٻوڏ متاثر ماڻهو هن وقت تڪڙي مدد جا طلبگار آهن، حڪومت کي ڪوهستان جي ماڻهن جي واهر لاءِ تڪڙا قدم کڻڻ گهرجن، ماڻهن جي واهر لاءِ اهڙن ايماندار ۽ ساک رکندڙ ماڻهن جون ٽيمون جوڙيون وڃن، جيڪي هر متاثر ماڻهو وٽ پهچن ۽ انهن جي ٿيل نقصان جو ڪاٿو لڳائي سندن مدد ڪئي وڃي ته جيئن جنت مثل سڏجندڙ علائقو وري ٻهڪي اٿي ۽ ماڻهن جا سور ختم ٿين، پر جيڪڏهن روايتي سستي جو مظاهرو ٿيو ته هتان جا ماڻهو جيڪي متاثر ٿي پنهنجا گهر گهاٽ ڇڏي پناهه لاءِ پهتل آهن، اهي وري پنهنجن پيرن تي بيهي نه سگهندا، تنهن ڪري متاثر ماڻهن جي تڪڙي واهر ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.