بي وقتي ۽ تڪڙي بُک ختم ڪرڻ وارا وڻندڙ کاڌا

آفيس ۾ ڪم ڪندي يا ڪٿي به گهر کان ٻاهر هجڻ دوران ماڻهو کي بي وقتي بک لڳڻ عام ڳالهه آهي. ڪنهن کي به ڪٿي به ڪهڙي به وقت بُک لڳي سگهي ٿي.

ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته توهان ٿورو اڳ ئي ماني کاڌي هوندي آهي پر توهان کي ٿوري دير گذرڻ کانپوءِ بُک لڳندي آهي ان جو اهو به سبب ٿي سگهي ٿو ته توهان ڪا اهڙي خوراڪ کاڌي هجي جيڪا جلد هضم ٿيندڙ هجي.

اڻ مدائتي يا بي وقتي بُک کي ختم ڪرڻ لاءِ ماڻهو گهڻي قدر اهي به کاڌا کائيندا آهن جن جا نقصان انهن جي صحت تي گهڻا پوندا آهن انهن کاڌن جي عام ڳالهه اها هوندي آهي ته توهان جو وزن جلدي وڌندي آهي جيڪو مختلف بيمارين جو سبب به بڻبو آهي. ان لاءِ توهان کي گهرجي ته اسان جي هن هيٺ ڏنل خوراڪن کي استعمال ڪيو ۽ وزن نه وڌائڻ سميت پنهنجي صحت کي نقصانن کان بچايو.

شگر فري بسڪيٽ

اڻ مندائتي بُک ختم ڪرڻ جي لاءِ توهان برگر، سينڊوچ يا ٻئي فاسٽ فوڊ جو استعمال ڪيو انکان بهتر آهي ته توهان شگر فري بسڪيٽ استعمال ڪيو جن ۾ ڪيلوريز جو تمام گهٽ مقدار هوندو آهي. اهو به خيال ڪيو ته بسڪيٽ ڪهڙي شين مان ٺهيل آهن.

هنداڻو

اڻ مدائتي بک کي ختم ڪرڻ جي لاءِ هنداڻو هڪ تمام بهترين چونڊ آهي. هنداڻو جسم ۾ ٿيندڙ پاڻي جي کوٽ کي ختم ڪندو آهي ۽ هنداڻو کائڻ سان توهان کي پيٽ ڀريل هجڻ جو احساس به ٿيندو آهي. ياد رکو ته هنداڻي کي مختلف جاين تي شاهين به چيو ويندو آهي جيڪو پڻ هنداڻي جو سنڌيءَ ۾ هڪ ٻيو نالو آهي.

سلاد

جيڪڏهن توهان کي سلاد کائڻ ۾ سُٺو لڳندو آهي ته اڻ مدائتي بک کي ختم ڪرڻ جي لاءِ سلاد جي چونڊ تمام بهتري ثابت ٿيندي. ان سان توهان جي بُک ته ختم ٿي ويندي پر توهان جي جسم ۾ موجود واڌ چرٻي به ختم ٿي ويندي ۽ توهان ٿولهه جو شڪار ٿيڻ کان بچي ويندا.

صوف

صوف جو شمار اهڙن فروٽن ۾ ٿيندو آهي جي صحت جي لاءِ تمام گهڻا فائديمند سمجهيا ويندا آهن. صوف ۾ آئرن ججهي مقدار ۾ موجود هوندي آهي ان سان گڏ ان ۾ اينٽي آڪسيڊنٽ ۽ فائبر جو مقدار به موجود هوندو آهي. صوف توهان جي بُک ختم ڪرڻ سان گڏ توهان کي ڪينسر، شگر ۽ دل جي مختلف بيمارين کان بچائيندو آهي.

ڪارو چاڪليٽ

چاڪليٽ جا هونئن ته صحت لاءِ ڪيترائي فائدا آهن جيڪي اسان پنهنجي پڙهندڙن جي اڳيان رکي چڪا آهيون پر اڻ مدائتي بک کي ختم ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن توهان ڪاري چاڪليٽ جو استعمال ڪيو ٿا ته اهو نه رڳو توهان جي بک ختم ڪندو پر توهان جي صحت لاءِ به تمام گهڻو فائديمند ثابت ٿيندو. ڇو ته ڪاري چاڪليٽ ۾ ميگنيشيم، ڪاپر، آئرن ۽ زنڪ جو تمام گهڻو مقدار موجود هوندو آهي جيڪي دل جي بيمارين کان بچائيندا آهن.

اسٽرابيري ۽ چيري

اسٽرابيري ۽ چيري جو شمار رس واري فروٽن ۾ ٿيندو آهي اينٽي آڪسيڊنٽ ۽ وٽامن سي سان ڀرپور اهو فروٽ اڻ مدائتي بُک جي خاتمي سان گڏوگڏ اهو توهان جي جسم جي گڏيل صحت جي لاءِ تمام گهڻو فائديمند آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.