درياهي وهڪرا انڊس ڊيلٽا ۾داخل، سوين ڳوٺ پاڻي هيٺ

گھوڙا ٻاري/ڳاڙهو (نمائندن وٽان)سنڌو درياهه ۾ لاڳيتي چاڙھ سبب گھوڙا ٻاري ۽ ڪيٽي بندر جي انڊس ڊيلٽا وارن علائقن جا ڪيترائي  ڳوٺ پاڻيءَ هيٺ اچي  ويا، سوين خاندان لڏپلاڻ ڪري بندن تي بي يار و مددگار ويٺل آهن، جن جي ڪا به واهر نه ٿي سگهي. عوامي آواز کي مليل ڄاڻ موجب حاجي عباس پيروزاڻي، حاجي خير محمد مروو، ڪريم بخش مرگھر، حاجي عمر اوٺو، پريو خان پيروزاڻي، ڪريم ڏنو شاھ، روشن شاھ، عيسيٰ مورجھريو، پنھون ملاح، الھڏنو پٽيل، حاجي حمير ميمڻ، حاجي علو سوماراڻي، حاجي علي پارھيڙي، طالب داد، محمد داد ملاح، سومار پارھيڙي، يعقوب شيخ، ناٿو ڳنڀير، صديق شاھ، عثمان شاھ،  ربو خان پيروزاڻي، محمد رحيم، حاجي يعقوب ميمڻ، ڳوٺ روشن مروو، گل محمد ٻڙھ، حنيف ملاح، يوسف ملاح، مير محمد مھيري، ممن سوماراڻي، حاجي عمر پاتڻي، قاسم ڪاتيار، خليفا جاڳوٺ، لڌو ملاح، ابراهيم ٻالاڻي، بلاول سنگهار، محمدرحيم ڪنڊڙيو، رمضان پارهيڙي،  محمد سولنگي، گل محمد سنگهار، ابراهيم گهن، بچل سومرو، حاجي جمعو خاصخيلي، ابراهيم چانگ، حاجي قاسم گهن، سليمان ملاح، جراڙ ڊوڪي، حسن اوٺو، مولي ڏنو اوٺو، غلام حسين چڪائي۽ يوسف ٻالاڻي سميت سوين ڳوٺ  چاڙهه سبب  ٻوڏ واري پاڻيءَ هيٺ اچي ويا آهن جڏهن ته ڳوٺن کي حفاظتي بند  نه هجڻ سبب سوين خاندان دربدر ٿي ويا آهن. ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ تحت لڏپلاڻ ڪري محفوظ هنڌن ڏانهن پناھ وٺڻ تي مجبور بڻيل آھن. هنن وٽ هن وقت کاڌ خوراڪ جي سخت کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، ضلعي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن سندن ڪا به واھر ناھي ڪئي جڏهن ته سوين خاندان نٽھڻ اُس ۾کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهن، متاثرن کي ٽينٽ راشن سميت رليف ڪئمپن ۾ منتقل ڪري کاڌ خوراڪ سميت پيئڻ جي پاڻي جي سهولت سميت ميڊيڪل ڪئمپون قائم ڪري رليف فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.