حڪومت ۽ هينڊلر وائڙا ٿي ويا، مائنس ون فارمولي تي عمل پيو ٿئي: عمران خان

اسلام آباد ( م ڊ ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته امپورٽڊ حڪومت ۽ هينڊلرز وائڙپ جو شڪار آهن، اهي ماڻهو مايوس ٿي مائنس ون فارمولي ڏانهن وڌي رهيا آهن. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ عمران خان چيو ته گوجرانوالا جلسو حقيقي آزادي جي تحريڪ جي پهرين فيز جو آخري جلسو هوندو ۽ ان جلسي ۾ ايندڙ اهم مرحلي جو اعلان ڪندس. هن لکيو ته امپورٽڊ حڪومت ۽ هينڊلرز وائڙپ جو شڪار آهن، قوم پي ٽي آءِ پٺيان مضبوطي سان بيٺي آهي ۽ اهي ماڻهو مايوس ٿي مائنس ون فارمولي ڏانهن وڌي رهيا آهن. پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته 13 پارٽيون هڪ جماعت کان ڊڄي اليڪشن کان ڀڄي ويون. عمران خان جي صدارت هيٺ تحريڪ انصاف جي سياسي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ سياسي صورتحال ۽ عمران خان خلاف ڪيسن تي صلاح مشورو ڪيو ويو. ذريعن موجب اجلاس ۾ پي ٽي آءِ مهانگائي خلاف احتجاج جو فيصلو ڪندي جاري عوامي رابطا مهم کي وڌيڪ تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. صوبائي صدرن کي مهانگائي خلاف احتجاج ڪرن جي هدايت ڪندي چيو ويو ته عمران خان مختلف شهرن ۾ رٿيل جلسا جاري رکندو. ان موقعي تي عمران خان چيو ته عوامي حمايت اسان جي سڀ کان وڏي سگهه آهي، حڪومتي حربن جو ميدان ۾ مقابلو ڪري رهيا آهيون.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.