ڪوٽ ڏيجي ويجهو واڙي کي باهه، 2 مينهون سڙي ويون

ڪوٽڏيجي (ن ع آ) ڪوٽڏيجي ويجھو بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان مال جي واڙي کي باهه ٻه مينهون سڙي زخمي ٿي پيون ان ڏس ۾ ڪوٽڏيجي ڀرسان ڳوٺ چوئنرو ۾ پورهيت سبحان علي خاصخيلي جي چوپايو مال جي  واڙي کي بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان باهه لڳي وئي  باھ جي شدت تيز هجڻ ڪري  ٻه مينهون سڙي زخمي ٿي پيون اهڙو اطلاع فائر برگيڊ عملي کي بروقت ڏيڻ باوجود عملو نه پهچڻ ڪري واڙي ۾ مال لاءِ پيل چارو ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو ان سلسلي ۾ متاثر پورهيت سبحان خاصخيلي ٻڌايو ته بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان باهه لڳڻ ڪري ٻه مينهون سڙي زخمي ٿي پيا آهن ۽ واڙي ۾ پيل سڄو سامان به سڙي رک ٿي ويو آهي غريب آهيان منهنجو گذر سفر مال تي آهي نوٽيس وٺي مالي مدد ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.