آمريڪا طرفان سعودي عرب ۽ گڏيل عرب رياستن کي ميزائل ڊفينس سسٽم ڏيڻ جي منظوري

آمريڪي پرڏيهي وزارت سعودي عرب ۽ گڏيل عرب رياستن کي ميزائل ڊفينس سسٽم جي وڪرو جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

آمريڪا طرفان سعودي عرب کي پيٽرياٽ ميزائل جڏهن ته يو اي اي ڪوٽرمينل هاءِ الٽيٽيوڊ ايريا ڊفينس ( ٿاڊ ) ميزائل سسٽم ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.

پينٽاگون موجب معاهدي تحت سعودي عرب کي 5 ڏهائي 3 ارب ڊالر جا ٽه سئو پيٽرياٽ ميزائلن سميت گهربل اوزار ۽ ٽيڪنيڪل سپورٽ ڏني ويندي.

گڏيل عرب رياستن کي 2 ڏهائي 25 ارب ڊالر جا 96 ٿاڊ ميزائل، گهربل اوزارم اسپير ۽ ٽيڪنيڪل سپورٽ ڏني ويندي.

واضح رهي ته ڊفينس ميزائل سسٽم ڏيڻ جو اعلان آمريڪي صدر جو بائيڊن جي سعودي عرب جي دوري بعد ڪيو هو جڏهن ته ان کان اڳ بائيڊن انتظاميا سعودي عرب کي جارحاڻا هٿيار نه وڪرڻ واري پاليسي اختيار ڪئي هئي پر هاڻ معاهدي کانپوءِ خيال ظاهر ڪيو پيو وڃي بائيڊن انتظاميا پنهنجي اها پاليسي واپس وٺي ورتي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.