ڪي اين شاهه ۾ ڳوٺاڻي جو گهرڀاتين سميت پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج

خيرپورناٿن شاهه (ت ر)خيرپورناٿن شاهه ڳوٺ خداد چانڊيو جا رهواسي مير خان چانڊيو سندس زال مسمات حوا خاتون پٽ علي رضا ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏ ڳوٺ جي بااثرن خلاف پاڪ ڪتاب کڻي علمدار چونڪ سامهون مک روڊ تي احتجاج ڪندي دانهيو ته مان پورهيت آهيان منهنجي  زمين مان غير قانوني طور تي ڳوٺ جا بااثر پيچ ڪڍي پاڻي وهائي رهيا آهن منع ڪرڻ تي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن هن الزام هڻندي چيو ته هڪ هفتو اڳ ڳوٺ جا بااثر پيرل ، اڪبر عبدالله چانڊيو وارا هٿيارن جي زور تي گهر ۾ داخل ٿي مينهن، ڳئون، 8 ڇيلا وهڙو ۽ اڍائي کرار ساريون کڻي گهر ۾ ڀڃ ڊاهه ڪري موتمار ڌمڪيون ڏئي هليا ويا. اسين ميهڙ ٿاڻي تي وياسين انهن ڪيس داخل نه ڪيو ايس ايس پي دادو ڏي ويا سين دانهن کڻي ان ٻيهر ايس ايڇ او ميهڙ ڏي موڪليو پر اسان جو ان باوجود به ڪيس داخل نه ڪيو ويو نه ئي بااثرن خلاف ڪاروائي ڪئي وئي مال واپس ڪرٻ لاءِ تيار ناهن ڳوٺ جي چڱن ڏي پاڪ ڪتاب کڻي ويا سين پر ڪنهن به تدارڪ نه ڪيو، مجبور ٿي ٻچن سميت پاڪ ڪتاب کڻي انصاف لاءِ احتجاج ڪيو آهي منهنجو انصاف ڪري بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.