ميهڙ ۾ ناري اغوا ڪرڻ جي ڪوشش، 5 ڄڻا زخمي

ميھڙ (ت ر)ميھڙ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد گھاڙي روڊ مھدي ڪالوني ۾ نوجوان ناري کي مبينه اغوا جي ڪوشش ۽ گاڏھي برادري جي ٻن  ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو ۔ ڏنڊا ۔ ڪهاڙيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب ٻن ڀائرن ۽ 3 عورتن سميت 5 زخمي زخمين ۾ طارق حسين گاڏھي ۔ قمرالدين گاڏھي عورتن ۾ مسمات نازان خاتون زال نظام الدين مسمات بختاور زال محمد ايوب گاڏھي ۽ مبينا اغوا ٿيندڙ ناري فاطمه ڌي محمد ايوب گاڏھي به زخمين ۾ شامل آھي زخمين کي تعلقه اسپتال ميهڙ آندو ويو ۔ جتي طبي امداد بعد 3 ڄڻن کي نازڪ حالت ۾ لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو زخمين تعلقه اسپتال ميھڙ ۾ ٻڌايو ته جوابدارن محمد عالم گاڏھي ۔ نادر،سراج ، معظم،آعظم ، پنھل ۽ منٺار سميت 8 جوابدارن ڏنڊا ۽ ڪھاڙيون کڻي حملو ڪيو ۽ سڱاوتي تڪرار تان جوابدارن نياڻي فاطمه خاتون کي زبردستي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي رڙين تي پاڙي وارن پھچي ڇڏايو ان کان پوء جوابدارن حملو ڪري اسان مٿان تشدد ڪيو آھي جوابدارن گھر مان ھڪ لک روڪ رقم، ھڪ تولا سون ۽ لائيسن واري بندوق به کڻي ويا آھن ميهڙ جي بي سيڪشن پوليس ڪا به ڪاروائي ناهي ڪئي واقعي جي اين سي دخل ڪئي وئي آھي ھنن پاران جوابدارن جي گرفتاري ۽ انصاف جي گھر ڪئي آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.