دولهه دريا خان جي مزار کي تالا هڻڻ جي مّذمت ڪيون ٿا: صنعان قريشي

مڪلي( ن ع آ) جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان قريشي پاران مڪلي تي پھچي جسقم ضلعي ٺٽي جي اڳوڻي صدر شھيد  مشتاق خاصخيلي جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙھي وئي، جنهن بعد جسقم چيئرمين صنعان قريشي، وائيس چيئرمين ڊاڪٽر غلام سرور خشڪ، جساف جي مرڪزي صدر اشرف ڪلهوڙو، محمد علي شيخ، حاجي سراج خشڪ، سيف علي، اڪبر بروهي ۽ ٻين سان گڏجي مڪلي جي تاريخي قبرستان ۾ سنڌ جي سپھ سالار شھيد دولھ درياءُ خان جي مزار تي حاضري ڀرڻ لاء پهتو تہ اُتي مزار کي تالا لڳل هئا. ان موقعي تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي صحافين سان ڳالھائيندي سنڌ جي عظيم سپوت ۽ سپھ سالار دولھ درياءُ خان جي مزار کي تالا لڳائي بند رکڻ ۽ مڪلي جي ماڳ گهمڻ لاءِ ايندڙ سياحن کان زبردستي گاڏين جي مد ۾ ٽيڪس جي نالي تي اوڳاڙي ڪرڻ واري عمل جي مذمت ڪندي چيو تہ مڪلي جي عظيم ڪردارن جي مزارن کي تالا هڻي سنڌ تي حملي آور جابرن جون مزارون کليل رکيون ويون آھن ۽ سياحن کي تنگ ڪري آرڪيالاجي کاتي جي انتظاميہ 5 سئو کان هڪ هزار روپيا في گاڏي ٽيڪس جي نالي تي ڀتاخوري ڪري رهي آھي جيڪو عمل مذمت جوڳو آھي. هن مطالبو ڪيو آھي تہ سنڌ جي عظيم ڪردارن سميت مڪلي جي تاريخي ماڳ گهمڻ لاء ويندڙ ماڻھن کي ٽيڪس کان فري ڪري سهولتون فراهم ڪيون وڃن ۽  شھيد دولھ درياءُ خان ۽ ڄام نظام الدين جھڙن عظيم ڪردارن جي آخري آرامگاهن کي تالا هڻڻ بدران عام ماڻھن لاء انهن کي کوليو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.