ٽرمپ ٻيهر آمريڪي صدر واري چونڊن ۾ حصو وٺندو

آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونالڊ ٽرمپ بابت چيو ٿو وڃي تھ ھو 2024 ۾ ٿيندڙ آمريڪي صدر واري چونڊن ۾ حصو وٺندو.ميڊيا سميت سندس حامين  پاران اھا ڳالھھ پکيڙي پئي وڃي، جنھن جو بنياد ڊونالد ٽرمپ پاران تازو واشنگٽن ۾ ڪيل سندس تقرير کي قرار ڏنو پيو وڃي.

ڊان اخبار ۾ شايع ٿيل رپورٽ موجب مشهور آمريڪي ميگزين ”واشنگٽن پوسٽ“ ڄاڻايو آھي تھ واشنگٽن ۾ ڊونالڊ ٽرمپ جي تقرير بعد سندس اتحادي ٻئي صدارتي مدي لاءِ تياريون ڪري رهيا آهن، جڏهن ته چونڊن ۾ سندس ڪاميابي جي صورت ۾ اڳوڻي صدر جا حامي اڳ ۾ ئي سندس ايندڙ حڪومت لاءِ ڪم ۾ جنبي ويا آهن.

ڊونلڊ ٽرمپ جنوري 2021 ۾ پنهنجي جانشين جو بائيڊن جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ کان سواءِ واشنگٽن مان روانو ٿي ويو ھو  ۽ تڏھن کان پوءِ ھو آمريڪي راڄڌاني کان پري رھيو ھو،ڳچ عرصي بعد ھو تازو واشنگٽن پھتو آھي جنھن دوران ھن ھڪ تقريب ۾ تقرير ڪئي آھي، جنھن سان سندس حامي اھڙي ماحول جوڙڻ  جون تياريون ڪري رھيا آھن.

اڳوڻو صدر اڱاري ڏيھن تي راڄڌاني  آيو ۽ سندس ئي صدارتي دور ۾ جوڙيل ھڪ ٿنڪ ٽينڪ ” آمريڪا فرسٽ پاليسي انسٽيٽيوٽ“ جي تقريب ۾ خطاب ڪيو .

سي اين اين،ان تقرير جي حوالي سان تبصرو ڪيو تھ هن جي تقرير مان لڳي ٿو تھ  2024 جي صدارتي چونڊ مهم ملڪ کي اونداهي ۽ خطرناڪ رستي تي وٺي ويندي.

مان هميشه چوان ٿو ته مان پهريون ڀيرو ڀڄي ويس،وري ميدان ۾ آيس مان کٽيو، پوءِ ٻيو ڀيرو ميدان ۾ ھئس ۽ مون بهتر ڪيو، اسان کي  ٻيهر بھ ايئن ڪرڻو پوندو،“ اي ايف پي ڊونلڊ ٽرمپ جو حوالو ڏيندي چيو ته اسان کي پنهنجي ملڪ کي درست رستي تي  آڻڻو پوندو.

هڪ ٻئي مشھور بين الاقوامي ميگزين” دي گارجين“ لکيو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ واضح طور تي صدارتي اميدوار طور چونڊ مهم ۾ حصو وٺڻ جو اعلان ناهي ڪيو پر هن چيو ته ٻيهر چونڊ وڙهڻ ھن جي لاءِ وڏو اعزاز هوندو ۽ جيڪڏهن هن ائين نه ڪيو ته اسان جي قوم تباهه ٿي ويندي.

دي پوسٽ موجب ھن  پنهنجي تقرير ۾ ڏکوئيندڙ صورتحال جي چٽي عڪاسي ڪندي،پرتشدد ڏوهن،جي حوصلھ افزائي تي تنقيد ڪئي،شھر جي ڀرپاسي ۾ تعمير ٿيندڙ گھرن ۾بي گهر ماڻهن جي تڪڙي ۽ زوري  منتقلي تي زور ڏنو.

واشنگٽن جي اخبار ”پوليٽيڪو“،2024 وارين چونڊن ۾ جو بائڊن۽ ڊونالڊٽرمپ جي ٻيهر مقابلي واري امڪان ڏانهن اشارو ڪيو، پر اھو بھ  نوٽ ڪيو ته ٻنهي طرفن کان ڪا بھ ڌر اڳواٽ اھڙو اعلان نٿي ڪرڻ چاھي.

ڊونالڊ ٽرمپ پنهنجي تقرير ۾ چيو ته جيڪڏهن هو ٻيھر ميدان ۾ لٿو ته هو اھو  پنهنجي ذات  لاءِ نه ڪندو.

مان اهو پنهنجي لاءِ نه ڪري رهيو آهيان، منهنجي زندگي تمام عياشي واري آهي،جيڪڏهن مان اهو ڪريان ٿو ته اهو ان ڪري  جو مان پنهنجي ملڪ سان پيار ڪريان ٿو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.