اليڪشن ڪميشن فارين فنڊنگ ڪيس جو فيصلو ڇو نه پئي ٻڌائي: فضل الرحمان

پشاور (م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته فارن فنڊنگ ڪيس اصل ۾ اسرائيل ۽ هندستان جي پيسي جو ڪيس آهي، جيڪي چون ٿا اسرائيل کي خراب نه چئو انهن جي وڪالت ڪندڙن تي لعنت آهي. پشاور ۾ خطاب دوران هن چيو ته پاڪستان ۾ حق جي رستي کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي، سمورو پاڪستان بحرانن ۽ معاشي ڏکيائين ۾ ڌڪيون ويو آهي، جيڪي سازشون ٿيون انهن کي ڪامياب نه ٿيڻ ڏينداسين. مولانا فضل الرحمان چيو ته اليڪشن ڪميشن ڇا سبب آهي جو فارن فنڊنگ ڪيس تي خاموش آهي، ڪرڪيٽ جي نالي تي ٻه ملين پائونڊ فارن فنڊنگ ۾ آيا، فل ڪورٽ نه ٺاهي وئي ۽ چيو ويو ته جج موڪلن تي آهن، جوڊيشل ڪائونسل ان لاءِ ٺاهي وئي ته جج موڪلن تي آهن. هن چيو ته جهڙي ريت ججن سپريم جڊِيشل ڪونسل جي فيصلي کي رد ڪيو جيڪڏهن فل ڪورٽ ٺهي ها ته فيصلو رد ٿئي ها، پاڪستان عوام جو آهي ڪنهن هڪ اداري جي لاڏلي جو ناهي، چيف جسٽس هجي يا سپريم ڪورٽ جو ڪو جج، پنهنجو پاڻ کي جسٽس منير ۽ ثاقب نثار نه بڻائين.مولانا فضل الرحمان چيو ته ان ئي عدالت عمران خان جي خط تي ميمبرن کي هٽايو، ضمني اليڪشن به ڪرائي، نواز شريف ڪيس ۾ پارٽي سربراهي به ختم ڪئي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.