سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري خلاف ملير ۾ جسقم جي ريلي

ملير (ڊ ر) جيئي سنڌ قومي محاذ گهگهر پاران ڌاري آبادڪاري خلاف جي ايم سيال، اديب اصغر باغي، علي احمد قيصراڻي، ادريس  قيصراڻي، نانو ميراڻي، راشد سنڌي، فردين سنڌي، فهيم زهراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گهگهر ڦاٽڪ کان ملير پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ غيرقانوني رهندڙ افغانين، برمين، بنگالين کي فوري نيڪالي ڏني وڃي، سنڌ جون معاشي حالتون خراب ٿي ويون آهن، ان ڪري ڌاري آبادڪاري جو وزن سنڌ برداشت نه ٿي ڪري سگهي، سنڌ بين الاقوامي يتيم خانو بڻائڻ کان پاسو ڪيو وڃي، هنن چيو ته سپريم ڪورٽ جي هدايتن موجب افغانين کي فوري طور سنڌ مان نيڪالي ڏئي افغانستان موڪليو وڃي، افغانين جي ڪري سنڌ ۾ ڏوهن قتل جي وارداتن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي، سنڌ ۾ ڌاريا ڌرتي ڌڻين کي سرعام قتل ڪري رهيا آهن وقت جا حڪمران خاموش تماشائي بڻيل آهن، سنڌ ۾ ڌارين جو تماشو هاڻي هلڻ نه ڏبو، سنڌي متحد ٿي ڌاري آبادڪاري خلاف گڏيل آواز اٿارين ۽ ڌاري آبادڪاري جو سوشل بائيڪاٽ ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.