ملير: 3 ڏينهن اڳ سکڻ ندي ۾ ٻڏي ويل نوجوان جو لاش هٿ

ملير (ڊ ر) تازين برساتن ۾ درساڻو ڇنو ويجهو سکڻ ندي ۾ موٽر سائيڪل سوار نوجوان جي لڙهي وڃڻ جي ٽن ڏينهن بعد سکڻ ندي  مان لاش هٿ آيو، جنهن جي سڃاڻپ گلشن حديد فيز2 واسي 28 ورهين جي شهزاد پٽ غلام قادر سومرو طور ٿي، ان سلسلي ۾ فوتي جي ڀاءُ نويد عرف منا سومرو ٻڌايو ته منهنجو ڀاءُ ٽي ڏينهن اڳ دوست سان گڏ درساڻو ڇنو ويو هو، ڳوٺاڻن موجب فوتي شهزاد سومرو سان گڏ هڪ ڄڻو سيد دوست هيو جيڪو زور ڀري رهيو هو ته ندي ڪراس ڪري گهر ٿا هلون ڳوٺاڻن کين ندي پار ڪرڻ کان منع ڪئي پر موٽر سائيڪل سوار ندي ڪراس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن دوران سندس دوست بچي ۽ هو لڙهي ويو، جنهن بعد سندس ڪوبه ڏس پتو نه هو اسان پاران ڪافي ڳولا ڪئي وئي سکڻ ندي ۾ هڪ شخص جي ٻڏڻ جو اطلاع هو جنهن بعد اڄ شاهه لطيف پوليس جي اطلاع تي ٽن ڏينهن بعد اڄ اسان جي ڀاءُ جو لاش سکڻ ندي مان مليو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.