نوازشريف جا شهبازشريف ۽ فضل الرحمان سان رابطا

اسلام آباد(م ڊ) ن ليگ جي قائد ميان نوازشريف وزيراعظم شهبازشريف ۽ پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي، ترجمان مطابق نوازشريف وزيراعظم شهبازشريف کي پي ڊي ايم جو اتحاد مضبوط بڻائڻ ۽ اڳواڻن سان مشاورت جاري رکڻ جي هدايت ڪئي، اڳوڻي وزيراعظم شهبازشريف کي پنجاب ۾ پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي متحرڪ رکڻ جي به هدايت ڪئي، جڏهن ته فضل الرحمان سان رابطي ۾ پنجاب جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ٻنهي اڳواڻن پنجاب ۾ پي ڊي ايم کي وڌيڪ منظم ڪرڻ ۽ عدالتي فيصلي کانپوءِ نئون لائحه عمل طئي ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.