سکر احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي، اويس قادر شاهه ۽ ٻيا جوبدار پيش

سکر ( رپورٽر  ) آبي وسيلن جي وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه سميت 18 ڄڻن نيب پاران داخل ريفرنس جي ٻڌڻي سکر جي احتساب عدالت ۾ ٿي گذري. ٻڌڻي دوران اڳوڻو صوبائي وزير اويس قادر شاهه ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا، جڏهن ته خورشيد احمد شاهه پاران سندس وڪيل عدالت ۾ پيش ٿي عدالت کي ٻڌايو ته ملڪ ۾ ٿيندڙ برساتن سبب ايمرجنسي هجڻ جي ڪري سيد خورشيد احمد شاهه اسلام آباد ۾ آهي تنهن ڪري عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيو آهي، تنهنڪري عدالت خورشيد احمد شاهه کي اڄ جي ٻڌڻي ۾ ڇوٽ ڏي جنهن تي عدالت خورشيد احمد شاهه جي هن ٻڌڻي لاءِ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪندي ٻڌڻي 22 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي، واضع رهي ته خورشيد احمد شاهه سميت ريفرنس ۾ شامل سمورا جوابدار هن وقت ضمانت تي آزاد آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.