ڪراچي کان ڪشمور سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي وائکي ٿي وئي: جلال محمود شاهه

ڪراچي(پ ر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي چيئرمين ۽ ڪنوينر سنڌ ايڪشن ڪميٽي سيد جلال محمود شاهه  چيو آهي ته  گذريل 15 سالن کان اقتدار ۾ آيل ڪرپٽ سنڌ حڪومت جي مجرماڻي  لاپرواهي سبب سنڌ هڪ ڊئم بڻجي وئي آهي، ڪراچي کان ڪشمور تائين ٿيل برساتن، سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي ۽ ترقياتي ڪمن جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا آهن. ھن وڌيڪ چيو ته   ڪٿي آھن  سنڌ جا اداڪار وزير جيڪي سڄو ڏينهن اپوزيشن کي گاريون ڏيڻ ۾ مصروف ھوندا آهن. اڄ سنڌ ٻڏي رهي آهي، پر سنڌ جا وزير پنهنجي تڪ جي عوام جي مدد ڪرڻ بدران ڪراچي ۾ فوٽو سيشن ۾ مصروف آهن، ڪراچي مان جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته  سنڌ جا سمورا ننڍا وڏا شھر ۽ ڳوٺ برسات جي پاڻي ۾ ٻڏي ويا آھن. سنڌ حڪومت جي رين ايمرجنسي بابت سندن دعوائون ڪوڙيون ثابت ٿي چڪيون آھن. هن  وڌيڪ چيو ته  برساتن جي ڪري سنڌ جي شهرن جون ڪيتريون ئي اهم شاهراهون ۽ گهٽيون دريائن ۽ واهن جو منظر پيش ڪري رهيون آهن، جنهن مان سنڌ حڪومت جي ڪرپشن ۽ ناقص ڪارڪردگي ظاهر ٿي رهي آهي.  سوين ايڪڙ فصل تباهه  ٿي ويو آهي. سنڌ جو عوام کليل آسمان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهي، نالن ۽ گٽرن جي ٽٽڻ سبب گندي نالن جو گندو پاڻي گڏ ٿي تلاءُ جو روپ اختيار ڪري ويو آهي، تازو برساتن سبب بجلي جا ڪرنٽ لڳڻ سبب ڪيترائي ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. هن  وڌيڪ چيو ته  مراد علي شاهه  اينڊ ڪمپني خلاف غفلت جو ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته  ڊيزل، بجلي ۽ گيس جي قيمتن ۾ وڏي پئماني تي واڌ سبب سنڌ جا هاري ڏينهون ڏينهن وڌيڪ قرضي ٿي رهيا آهن ۽ هاڻوڪين  برساتن هارين کي بک مرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. هن  وڌيڪ چيو ته  سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي مطالبو ڪري ٿي ته  حڪومت سڄي سنڌ کي آفت زدہ  قرار ڏئي هارين کي زرعي ٽيڪس معاف ڪرڻ جو اعلان ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.