جماعت اسلامي حڪومت خلاف جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو

سوات (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق حڪومت خلاف جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

سوات ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سراج الحق چيو ته 9 سالن ۾ خيبر پختونخواهه ۾ ڪجهه نه مَٽيو، صوبي ۾ بدامني ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ ٿي رهي آهي، عوام کي ڪنهن قسم جو تحفظ حاصل ناهي.

هن چيو ته ملڪ ۾ سليڪشن بجاءِ صاف شفاف چونڊن جي ضرورت آهي پر بدقسمتي سان هتي عهدي لاءِ سينيٽرن ۽ اسيمبلي ميمبرن کي خريد ڪيو ويندو آهي.

سندس چوڻ هو ته پي ڊي ايم ۽ پي ٽي آءِ عوام لاءِ ناهن، اڄ کان منهنجو موجوده حڪومت خلاف جنگ جو اعلان آهي، ڇو ته موجوده حڪمرانن سبب غريب تباهه ٿي رهيو آهي.

سراج الحق چيو ته حڪمرانن کي قومي مسئلن ۽ غريبن جو ڪو احساس ناهي، موجوده حڪمران ۽ پي ٽي آءِ سڀ پنهنجي ذاتي مفاد لاءِ وڙهي رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.