سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي اعتراض آهن: ڪائره

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم جي مشير ۽ پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائره چيوآهي ته هن ملڪ جي وزيراعظم ۽ وزيراعليٰ جي جي ڪا به حيثيت  ناهي رهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي اعتراض آهن، عدالتي فيصلن ۾ انصاف ٿيندو نظر اچڻ گهرجي، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته ماضي ۾ عدليه پاران پ پ سان زيادتيون ڪيون ويون، اسان جي اڳواڻن جا قتل ٿيا، زيادتيون ٿيون، اسان عدالتي فيصلا تسليم ڪيا، عدالت تي لازم آهي ته ان جا فيصلا غيرجانبدار نظر اچن، اميد آهي ته عدليه آئين کي مدنظر رکي فيصلا ڏيندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.