ماٿيلو ۾ چوري ڪندي جوابدار سوگھو، پوليس حوالي

ميرپورماٿيلو(ن ع آ ) خانگي آفيس ۾ چوري ڪندي چور سوگھو ٿي پيو، جنهن علائقي واسين مارڪٽ ڪرڻ بعد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته رات دير سان چور آفيس جا تالا ٽوڙي آفيس اندر داخل ٿيو، موٽر سائيڪل ۽ ٻيو سامان چوري ڪندي سوگھو ٿي پيو چوري ڪندي پڪڙيل  چور جي سڃاڻپ نديم مھر طور ٿي آھي، جنھن کي ميرپور ماٿيلو ٿاڻي تي لاڪپ ڪيو ويو آھي، آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو..

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.