پ پ سنڌي عوام جي بقا لاءِ جدو جهد ڪئي: اسماعيل ميمڻ

بُلڙي شاهه ڪريم ( ن ع آ) بُلڙيءَ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ پاران وارڊ نمبر 2 جي اميدوار حاجي محمد اسماعيل ميمڻ پاران پاور  شو …بلڙي شاهه ڪريم ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اعليٰ قيادت پاران بلڙيءَ جي  وارڊ نمبر 2 جي اميدوار براءِ جنرل ميمبر حاجي محمد اسماعيل ميمڻ ۽ سندس فرزند ايڊوڪيٽ عدنان ميمڻ افتخار احمد ميمڻ ارسلان احمد ميمڻ پاران بلڙيءَ شاھ ڪريم سٽيءَ ۾ ھڪ سياسي پاور شو منعقد ڪري عوام جو سمنڊ گڏ ڪري ڏيکاريو . جڏھن تہ حاجي محمد اسماعيل ميمڻ پاران پاور شو ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ضلعي جنرل سيڪريٽري خرم سومرو . پي پي يوٿ ونگ ضلعي جنرل سيڪريٽري رازق خان يوسفزئي . پي پي اڳواڻ محمد ابراھيم ابراھيم مگسي . پي پي تعلقه بلڙيءَ جي صدر ڊاڪٽر محمد ايوب جت . پي پي اڳواڻ عبدالڪريم جت . پي پي يوٿ تعلقه صدر عرفان جٽ .پي پي ضلع ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري محمد حارث صبحپوٽو پي پي سٽي بلڙيءَ جي جنرل سيڪريٽري جھانزيب جت پي پي اڳواڻ امجد مگسي پي پي اڳواڻ غلام نبي مگسي. پي اڳواڻ عليم مگسي پي پي اڳواڻ سيد سجاد پپو شاھ پي پي اڳواڻ شھڪ خان رند . پي پي اڳواڻ پرويز خان پٺاڻ. ۽ ٻين شرڪت ڪئي جڏھن ته پي پي ضلعي جنرل سيڪريٽري خُرم ڪريم سومرو پي پي اميدوار براءِ جنرل ميمبر وارڊ 2 جي حاجي محمد اسماعيل ميمڻ رئيس ابراھيم مگسي رازق خان يوسفزئي پاور شو ۾ آيل ماڻهن جي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو تہ پاڪستان پيپلز پارٽي واحد اھا جماعت آھي جنھن ھميشہ سنڌ ۽ سنڌي عوام جي بقاءَ لاءِ انيڪ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، ھنن چيو ته مقاني چونڊن ۾ ڪامياب اھو ئي اميدوار ويندو جنھن وٽ انتخابي نشان تير آھي

  • سانگي ڦرهو ۽ ڀرپاسي مڪاني چونڊن کان اڳ ترقياتي ڪم شروع

جهڏو (ن ع آ) ٽنڊو باگو جي يوسي 26 سانگي ڦرهو ۽ بهادر چانڊيو ۾ 28 آگسٽ تي ٿيندڙ مڪاني چونڊن کان اڳ ئي مختلف ڳوٺن  ۾ ننڍي پيماني تي ترقياتي ڪمن جو آغاز ڪيو ويو آهي.ميڊيا سان ڳالهائيندي جي ڊي اي اڳواڻ ڊاڪٽر مير عبدالله ٽالپر، يوسي 26 ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسلر جي اميدوار سليم چانڊيو، يوسي چيئرمين جي اميدوار ملڪ رياض حسين چيو ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا اسان جي يوسي ۾ بنا رنگ نسل جي امڪاني برساتن کي منهن ڏيڻ لاءِ مختلف ديهن، ڪپوري، عاقل ۽ سانگي ڦرهو ۾ بائونڊريون  ۽ مختلف ڳوٺن  قاضي موسي، ڪيهر خاصخيلي، اسماعيل ڏيٿو، چوڌري امين، سرائي رجب، سميت ٻين علائقن ۾ امڪاني برسات کي منهن ڏيڻ لاءِ برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ واهن ۽ واٽرن جي مورين جي نئين سر تعمير لاءِ لکين رپين جي اسڪيم ڏني جڏهن ته اسڪولن کان محروم ڳوٺن ۾ پڻ ننڍي پيماني تي ٻارڙن جي تعليم جاري رکڻ لاءِ هڪ ڪمري جي اسڪول قائم ڪرڻ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي ،هنن چيو ته مستقبل ۾ به يوسي 26 ۾ وڏي پئماني تي رڪارڊ ترقياتي اسڪيمون ڏيئي عوامي خدمت جو سلسلو جاري رکيو ويندو.

  • پ پ جي مخالفن کي شڪست ملندي: ڊاڪٽر عظمت لُنڊ

ملير (ڊ ر) عوام پيپلز پارٽي سان گڏ آهي پيپلز پارٽي جي مخالفن کي بلدياتي اليڪشن ۾ بدترين شڪست نصيب ٿيندي، اسان  جمهوريت تي يقين رکون ٿا عوام هميشه پيپلز پارٽي جو ساٿ ڏنو آهي، پيپلز پارٽي جا مخالف ڪوڙن جي دنيا ۾ رهندا آهن، اسان جي پارٽي جي اڳواڻن عوام جي خدمت ڪئي آهي، اهڙن خيالن جو اظهار پيپلز پارٽي اڳواڻن ۽ يوسي 3 پپري جي بلدياتي چيئرمين اميدوار ڊاڪٽر عظمت لُنڊ، وائيس چيئرمين علي محمد گبول، سردار مختيار علي لاشاري ۽ ٻين علي محمد ڳوٺ ۾ نيو ڪوئٽا سنڌ هوٽل جي افتتاحي پروگرام دوران ڪارڪنن ۽ علائقي واسين سان خطاب ڪندي ڪيو، هنن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي ملير ۽ ڪراچي جي قيادت ملڪ ۾ بيروزگارن ۽ غريبن کي روزگار ڏئي خوشحالي ڏني آهي ۽ اسان جي ملڪ ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن، جڏهن ته پيپلز پارٽي ڳوٺن کي به بنيادي سهولتون فراهم ڪيون آهن، هاڻي اسان جو ملڪ پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهي ۾ بهتري ڏانهن وڃي رهيو آهي، عوام پيپلز پارٽي جو بغير ڪنهن لالچ جي ساٿ ڏنو آهي اسان انهن جا شڪر گذار آهيون، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته اڳوڻي حڪومت عوام کي مهنگائي جي باهه ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي، هاڻي انشاء الله تمام جلد ملڪ ۾ خوشحالي ايندي ۽ اسان جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم جو منصف سنڀاليندو.

  • ٻولهاڙي وارڊ 2 جي ڪائونسلر طرفان مختلف برادرين سان گڏجاڻي

ڪوٽڙي ( ن ع آ ) ڪوٽڙي ميونسپل ٻولهاڙي جي وارڊ نمبر 9 جي ڪائونسلر اي ڊي چھواڻ عرف الھ ڏتو پاران ٻٻر اسٽاپ تي مختلف برادرين جي معززين سان گڏجاڻي ڪري مخالفن پاران لڳايل سمورا الزام رد ڪري ڇڏيا، گڏجاڻي ۾ ڪي ايس او صدر محمد رمضان پنھور، رياض احمد چوهاڻ، رستم چانڊيو، احمد علي چانڊيو، ۽ ٻين چيو ته وارڊ نمبر جي صورتحال هٿ سان خراب ڪئي پئي وڃي، مخالف آزاد اميدوار بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي نالي تي، وارڊ نمبر جي عورتن سان مبينا فراڊ ڪري شناختي ڪارڊ پاڻ وٽ رکيا آهن، اهي سموريون ويڊيوز سوشل ميڊيا تي وارئل آهن، گڏجاڻي ۾ چيو ويو ته ڪي ايس او جي صدر محمد رمضان کي سردار ملڪ اسد سڪندر پاران ورڪ ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي جنهن تي مخالف بوکلاهٽ جو شڪار ٿي ويا آهن، هنن چيو ته هتان جي انتظاميا ڊي آرو، ۽ آرو کي نوٽيس وٺڻ گهرجي ان معاملي جي صاف شفاف جانچ ڪئي وڃي، بلدياتي اليڪشن ۾ ڌانڌلي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هنن چيو ته چوهاڻ برادري سميت وارڊ ۾ رهندڙ سموريون برادريون اسان سان گڏ آهن، انشاالله سوڀ حاصل ٿيندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.