عثمان شاهه هڙي ۾ پوليس چڙهائي خلاف احتجاجي مظاهرو

عثمان شاھ ھڙي( ن  آع)عمرساند ٿاڻي جي پوليس خلاف ڳوٺ شھبيگ کوسو واسين جو غفار کوسو،منصور کوسو،حاجي محمد موسي’  کوسو ۽ غلام رسول کوسو جي اڳواڻي ۾ مين ٽنڊوالهيار کان وايا ٽنڊوآدم روڊ پريس ڪلب عثمان شاھ ھڙي اڳيان بلاڪ ڪيو ويو ڌرڻي سبب روڊ بند رهڻ جيڪري روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويو ڳوٺاڻن ميڊيا آڏو دانهيدي چيو ته عمرساند پوليس بي گناھ گهرن تي چڙھائي ڪري چادر ۽ چارديواري جو تقدس پامال ڪندي گهرن ۾ داخل ٿي عورتن ۽ ٻارڙن کي حراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڪتن جي مدد سان اسان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن خلاف ايس ايس پي ٽنڊوالهيار ۽ ڊي آئي جي حيدرآباد کي گهرجي نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي ٻي پاسي مسلسل هڪ ڪلاڪ جي احتجاج کانپوء عمرساند ٿاڻي جو ايس ايڇ اومنظور جمالي ۽ علائقي جي معززين غلام محمد بلوچ،حاجي پير محمد بلوچ ۽ اسماعيل هالو مظاهرين سان ڳالهيون ڪرڻ بعد روڊ کولرائي ڇڏيو انهي موقعي تي ايس ايڇ او عمرساند مظاهرين سان ڳالهيندي چيو ته ڪنهن سان به ناانصافي برادشت نه ڪئي.  ويندي چئن ماڻهن جي ڪميٽي ٺاهي جانچ ڪرائي ويندي ۽ جانچ ڪميٽي جا نالا پڻ ڳوٺاڻن تي ڇڏي رهيو آھيان جن معززين تي اعتماد هجي 4 ماڻهون جانچ ڪن جيڪڏهن پوليس جو ڪو به عملدار ملوث نڪتو مٿس قانون موجب ڪاروائي ڪئي ويندي جيڪڏهن ڳوٺاڻن منجهان جيڪڏهن ڪو به ڏوھ ۾ ثابت ٿيو ته انهي کي به بخش نه ڪيو ويندو جنهن بعد ڳوٺاڻن ۽ پوليس وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ تي ڌرڻي کي ختم ڪري ٽريفڪ بحال ڪئي وئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.