ڪوڙي پروپيگنڊا ئي پي ٽي آءِ جي سياست آهي: ناصر شاهه

ڪراچي(رپورٽر) مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي، ته ڪوڙي پروپئگنڊه ئي پي ٽي آءِ جي سياست آهي. اڄ پڻ اهو ئي ڪيو ويندو، پنجاب جي 20 تڪن ۾ ٿيندڙ اڄوڪي چونڊ جي حوالي سان ٽوئيٽر تي جاري بيان م هن چيو ته شام تائين اوهان کي ٽوئيٽ ذريعي اهو تاثر ڏنو ويندو، ته ننڍي چونڊ جي تڪن ۾ پي ٽي آءِ اميدوار پولنگ ايجنٽن ۽ ووٽرن کي يا رسن سان ٻڌو ويو آهي، يا ڀڄايو ويو آهي. هن چيو ته دنيا جي ايجنسين کي ٽيگ ڪيو ويندو، پر ان سان گهٻرائڻو ناهي، ڇاڪاڻ ته ڪوڙي پروپئگنڊه ئي ان جي سياست آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.