”پهرين گهرواري کي وري ناهي ڏٺو“ رنبير ڪپور کي ڳولا

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) هلندڙ سال 14 اپريل تي اداڪارا عاليا ڀٽ سان شادي ڪندڙ بالي ووڊ اداڪار رنبير ڪپور چيو آهي ته هو پنهنجي پهرين گھر واري سان ملڻ لاءِ بي چين آهي.

رنبير ڪپور پنهنجي ايندڙ 2 بلاڪ بسٽر فلمن”برهماستر“ ۽ ”شمشيرا“ جي رليز لاءِ بلڪل تيار ۽ پرجوش آهي. ٻنهي فلمن جا ٽريلرس جي هاڻوڪن رليز جي بدولت 4 سالن کانپوءِ اداڪار ٻيهر ايڪشن ۾ ڏسي ڪري مداح پنهنجي جوش ۽ جذبي تي ڪنٽرول نه ڪري سگھيا. جتي رنبير ڪپور کي پنهنجي فلم جي مشهور جلد ئي شروع ڪرڻ جي اميد آهي ته اتي هن کي پنهنجي بابت ڪجهه دلچسپ سوالن جا جواب ڏيندي ڏٺو ويو.

رنبير ڪپور کي چيو ويو ته هو سڀ کان عجيب ۽ غريب مداح جو تجزيو شيئر ڪري، جواب ۾ اداڪار هڪ اهڙي صورتحال بيان ڪئي جنهن ۾ هڪ عورت پرستار هن جي ممبئي مينشن جي گيٽ سان شادي ڪئي.

اداڪار چيو ته هڪ ڇوڪري هئي ۽ مان ان سان ڪڏهن ناهيان مليو پر منهنجي چوڪيدار مونکي ٻڌايو ته هوءَ هڪ پنڊت سان گڏ آئي آهي ۽ ان منهنجي گيٽ سان شادي ڪري ڇڏي آهي.گيٽ تي ”ٽڪو“ لڳل هو ۽ ڪجهه گل به، ان جي نالي جو سندور به ڀريل هو.

اداڪار مزاحيا انداز ۾ چيو ته مان اڃا تائين پنهنجي پهرين گھر واري يعني گيٽ سان شادي ڪندڙ عورت مداح سان ناهيان مليو پر مان ان عورت مداح سان ڪنهن موقعي تي ملڻ جو منتظر آهيان.

واضح رهي ته رنبير جي فلم”شمشيرا“ 22 جولاءِ تي رليز ٿيندي جڏهن ته فلم ”برهماستر“ 9 سيپٽمبر تي رليز ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.