ڪراچي ۾ ڪورونا ڪيسز جي شرح 22 سيڪڙو تائين پهچي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ٻئي ڏينهن به ڪورونا وائرس جا 400 کان وڌيڪ هاڪاري ڪيسز رپورٽ ٿيا جڏهن ته ڪراچي ۾ وائرس جي هاڪاري ڪيسز جي شرح 21.71 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي جيڪا ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي.

اين آءِ ايڇ جي جاري ڪيل انگن اکرن مان ظاهر ٿئي ٿو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 406 ڪيسز رپورٽ ٿيا.

صحت جي اداري موجب وارئس وگهي ٻه ڄڻا فوت به ٿي ويا جڏهن ته متاثر ٿيل 94 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي قرار ڏني وئي آهي.

ٻئي پاسي ڪراچي هاڪاري ڪيسن جي حوالي سان 21.71 سيڪڙو سان سڀ کان وڌيڪ متاثر آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.