عمرڪوٽ ضلعي ۾ سڀاڻي رٿيل مڪاني چونڊن لاءِ تياريون مڪمل

عمرڪوٽ ضلعي سوڌو سنڌ جي 14 مختلف ضلعن ۾ پهرين مرحلي ۾ رٿيل مڪاني چونڊون سڀاڻي ٿينديون، جڏهن ته عمرڪوٽ ضلعي ۾ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.

عمرڪوٽ جي سورهيا بادشاهه ڪامپليڪس ۾ ضلعي اندر مڪاني چونڊن جي پولنگ لاءِ ڊي آر او طاهر ميمڻ جي نگراني ۾ پرزٽنگ آفيسرن کي سامان ورهائڻ جو سلسلو جاري آهي.

ضلعي ۾ سڀاڻي مڪاني چونڊن لاءِ 5 لک 78 هزار 149 ووٽر پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا، جڏهن ته 344سيٽن تي 900 کان وڌيڪ اميدوار حصو وٺي رهيا آهن.

سموري ضلعي ۾ ووٽرن لاءِ 480 پولنگ اسٽيشون قائم ڪيو ويون آهن، جن مان 140 پولنگ اسٽيشنن کي حساس ۽ 117 کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي.

حساس پولنگ اسٽيشنن ۾ سي سي ٽي وئي ڪئمرائون لڳايون ويون آهن، جڏهن ته سموري پولنگ اسٽيشنن تي پوليس سان گڏ رينجرز جا جوان مقرر ڪيا ويا آهن.

ٻئي پاسي ضلعي جي مختلف يوسيز ۽ ٽائون ڪميٽيز تي بنا مقابلي 80 کان وڌيڪ اميدوار چونڊجي ويا آهن، جن ۾ 56 کان وڌيڪ جنرل ڪائونسل، 13 ضلعي اميدوار، 11 چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين شامل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.