پاڪستاني اداڪارا جي بولڊ ڊانس وڊيو وائرل، سوشل ميڊيا واهپيدارن جو سخت ردعمل

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا مهر بانو جي بولڊ ڊانس جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، جنهن تي واهپيدارن ڇتي تنقيد ڪئي آهي.

”ميري پاس تم هو“ سميت مختلف ڊرامن ۾ اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريندڙ مهر بانو پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي اها وڊيو پوسٽ ڪئي، جنهن ۾ هوءَ اڇي رنگ جي مني اسڪرٽ ۾ هڪ گاني تي ڊانس ڪري رهي آهي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Mehar Bano (@meharbano)

ڄاڻايل وڊيو ۾ اداڪارا جو لباس توڙي ڊانس واهپيدارن تي ٽڪو نه وڻي ۽ انهن مٿس تنقيد شروع ڪري ڇڏي.

هڪ واهپيدار لکيو ته اها مسلمان آهي؟ جڏهن ته گهڻن واهپيدارن ان کي چيو ته نورا فتيحي جي نقل ڪري رهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.