رپئي جو قدر گهٽجي ويو، ڊالر وڌيڪ مهانگو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ واڌ جو سلسلو جاري رهيو ۽ انٽربينڪ مارڪيٽ ۾ صبح سان واپار دوران مقامي ڪرنسي جي ڀيٽ ۾ ڊالر 210 رپين کان مٿي پهچي ويو.

فاريڪس ايسوسيئيشن آف پاڪستان موجب رپئي جي قدر ۾ تيزي سان 2.55 رپين جي گهٽتائي ٿي ۽ جمعي ڏهاڙي 207.75 رپين تي بند ٿيڻ کانپوءِ رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر 210.3 رپين جو ٿي ويو آهي ۽ رپيو هيل تائين جي گهٽ سطح تي پهچي ويو.

اوپن مارڪيٽ ۾ صبح ساڍي ڏهين وڳي ڊالر 212 رپين تي ٽريڊ ڪري رهيو هو.

اسٽيٽ بينڪ موجب پاڪستان جا ذخيرا وڌيڪ 23 ڪروڙ 40 لک ڊالر گهٽجي 15 ارب ڊالر کان هيٺ اچي ويا آهن انهن ذخيرن ۾ مرڪزي بينڪ جو حصو 9 ارب ڊالر کان گهٽ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.