ڪوٽڙي: منشيات مخالف تحريڪ ۽ شهرين جو ضلعي مان منشيات جي خاتمي جو مطالبو

ڪوٽڙي جي منشيات مخالف تحريڪ اڳواڻن ۽ شهرين هڪ ڀيرو ٻيهر اينٽي نارڪوٽڪس کان ڄامشوري ضلعي ۾ منشيات جي خاتمي جو مطالبو ڪيو آهي.

ڪوٽڙي ۾ منشيات مخالف تحريڪ پاران ضلعي ۾ منشيات سرعام وڪري ۽ سپلاءِ خلاف شهر جي المدينا چوڪ تي عوامي عدالت قائم ڪئي وئي، جنهن ۾ سياسي سماجي اڳواڻن، شهرين ۽ مختلف ڳوٺن جي رهواسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

عوامي عدالت ۾ شرڪت ڪندڙن ضلعي جي منشيات جي روڪٿام ۽ نوجوان نسل کي تباهي کان بچائڻ لاءِ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.

ان موقعي تي مقررن جو چوڻ هو ته ڪوٽڙي شهر سوڌو ڄامشوري ضلعي ۾ منشيات سرعام وڪرو ۽ سپلاءِ ٿي رهي.

سندن چوڻ هو ته منشيات جي وڪري سبب نوجوان نسل تباهه ٿي رهيو آهي پر ضلعي انتظاميا توڙي پوليس روڪٿام لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي.

هنن اينٽي نارڪوٽڪس، سنڌ سرڪار ۽ ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته ڄامشوري ضلعي ۾ منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري نوجوان نسل کي تباهي کان بچايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.