بجلي اگهن ۾ واڌ جي نئين درخواست نيپرا کي وصول

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي بجلي اگهن ۾ واڌ جي درخواست ڏئي ڇڏي.

نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) موجب سي پي پي اي بجلي اگهن ۾ 7 رپيا 96 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست ڏني آهي، جيڪا مئي جي ماهوار فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڏني وئي آهي.

نيپرا موجب سي پي پي اي جي درخواست تي ٻڌڻي 27 جون تي ٿيندي، جڏهن ته درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته مئي ۾ فرنس آئل سان 8.80 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي ۽ فرنس آئل سان 33 رپيا 67 پئسا في يونٽ بجلي پيدا ٿي.

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته مقامي گئس سان 10 سيڪڙو، درآمدي ايل اين جي سان 22.89 سيڪڙو ۽ پاڻي سان 24.50 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي.

مئي لاءِ ريفرنس لاڳت 5 رپيا 93 پئسا في يونٽ مقرر هئي پر سي پي پي اي طرفان درخواست 7 رپيا 96 پئسا في يونٽ جي ڏني وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.