(ن) ليگ جو ووٽ کي عزت ڏيو جو بيانيو دفن

لاهور (عوامي آواز نيوز) پ پ جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري مزن ۾ (ن) ليگ  ڏچن ۾، سمورو وقت وضاحتن ۾ ضايع ٿيڻ لڳو،  سياسي قيمت ته اڃان اڳتي چڪائڻي آهي، نامياري صحافي عمران شفقت پنهنجي وي لاگ ۾ تجزيو ڪندي چيو آهي ته (ن)  ليگ وڏي دوکي ۾ اچي اقتدار حاصل ڪيو آهي، هاڻي عمران خان جي ڪيل تباهيءَ  جو گند پنهنجي ڪنڌن تي کڻي ڏينهن رات وضاحتون  ڪري رهي آهي ته آءِ ايم ايف سان عمران خان معاهدو ڪري ويو، ان ڪري مهانگائي وڌي رهي آهي ته پوءِ (ن) ليگ کي اقتدار جي ڪهڙي تڪڙ هئي، جن عمران خان کي آندو هو، انهن کي چئو ها ته اڃان ڏيڍ سال مزو وٺو،  اسان کي ڪابه جلدي نه آهي. نواز شريف اقتدار وٺڻ لاءِ راضي نه هو ان کي زوريءَ  مڃايو ويو آخر ڇو، هاڻي سياسي قيمت ته (ن) ليگ کي ادا ڪرڻي پوندي، آصف علي زرداري ته تماشو ڏسي ۽ مزا وٺي رهيو آهي، وڏي ڳالهه ته  آمر مشرف جي وطن واپسي به (ن) ليگ جي ڳچيءَ پئجي رهي آهي، نتيجي ۾ ووٽ کي عزت ڏيو جو نعرو به دفن ٿي ويو. ٿيڻ ته ايئن گهرجي ها ته عمران خان کي آڻڻ  وارن کي اهو چيو  وڃي ها ته اوهان جو تجربو ناڪام ٿيو آهي ته ان جو حل اهو آهي ته عمران خان جي حڪومت ختم ڪري نگران حڪومت جوڙي عام چونڊون ڪرائي سوڀ ماڻيندڙ پارٽيءَ  کي اقتدار حوالي ڪريو، عمران خان جي غلاظت جو ٽوڪرو  کڻڻ  جو اوهان کي شوق ٿيو ته هاڻي ان جي قيمت به اوهان کي ئي ادا ڪرڻي پوندي، ڏينهن رات  وضاحتون ڪرڻ سان ڪو به فرق نه پوندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.