سعيد تيوڻو آزاد نه ٿيو ، عدالتي حڪم تي ڪيس داخل، وارثن جو احتجاج

ڄامشورو(ڊ ر) ڄامشورو مان کنڀي گم ڪيل 14 سالا نينگر سعيد احمد تيوڻو کي 22 ڏينهن گذرڻ گذري ويا سندس  ڪوبه پتو پئجي نه سگهيو آهي جنهن سبب سندس وارث سخت پريشان بڻيل آهن، کنڀجي ويل نينگر جي والده مسمات ڀنڀي پاران سنڌ هاء ڪورٽ حيدرآباد بينچ ۾ پٽ جي ڪمشدگي جي پٽيشن داخل ڪرائي هئي ڪورٽ ۾ ڪيس هلڻ دوران سنڌ هاء ڪورٽ پاران نينگر جي گمشدگي جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو، ڪورٽ جي حڪم تي ڪالهه ڄامشوري ٿاڻي تي مسمات ڀنڀي جي فرياد تي 6 نامعلوم جوابدارن خلاف اغوا جو ڪيس داخل ڪيو آهي، ڪيس ۾ فريادڻ ڄاڻايو آهي ته منهنجو 14 سالا پٽ 7 ڪلاس ۾ پڙهندو آهي اسڪول ٽائيم بعد درزي جي دڪان تي درزڪو ڪم ڪندو آهي ۽ منهنجو مڙس منظور علي تيوڻو سبزي جو دڪان هلائيندو آهي ۽ منجهند ڌاري منهنجو مڙس گهر ماني کائڻ لاء گهر آيو ۽ پٽ سعيد کي دڪان تي ويهاري ويو پٺيان دڪاندارن اطلاع ڪيو ته ٻن موٽر سائيڪل ۽ هڪ ڪار تي آيل سول ڪپڙن ۾ 6 کن جوابدارن دڪان تي چڙهائي ڪندي پٽ تي اغوا ڪندي کڻي ويا آهن جنهن جو اڃان تائين ڪوبه پتو پئجي نه سگهيو آهيو، ڪيس داخل ڪرائڻ بعد پريس ڪلب تي پهچي مسمات ڀنڀي ۽ مڙس منظور علي تيوڻو چيو ته اسان جي پٽ کي بيگناهه کنڀي گم ڪيو آهي اسان جو معصوم پٽ آهي هن جو ڪنهن به سياسي تنظيم سان ڪوبه واسطو ناهي، هروڀرو تنگ ڪيو پيو وڃي، رياستي ادارا نوٽيس وٺي پٽ کي بازياب ڪرائين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.