ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناظم جوکئي قتل ڪيس بابت دهشتگردي ٽوڙ عدالت جو فيصلو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي.
فيصلي خلاف ڪيس جي شاهد مظهر جوڻيجو ايڊووڪيٽ درخواست داخل ڪئي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪيس سيشن عدالت ۾ منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو پر دهشتگردي ٽوڙ عدالت حقيقتن کي نظرانداز ڪيو آهي.
درخواست ۾ ٻڌايو ويو ته ڪيس جو فريادي به جوابدارن سان ملي ويو آهي، ناظم جوکئي کي تشدد ڪري قتل ڪيو ويو ۽ ان سان خوف هراس پکڙيو آهي.
درخواستگذار وڌيڪ چيو ته جوابدار تمام بااثر آهن، هي قتل ڪيس واپس دهشتگردي روڪ عدالت منتقل ڪيو وڃي ۽ ان ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم ٻيهر شامل ڪيا وڃن.
درخواست ۾ ڄام عبدالڪريم ۽ ڄام اويس کي جوابدار نامزد ڪرڻ جي به اپيل ڪئي وئي آهي.
واضح رهي ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪيس سيشن عدالت ۾ منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.
هوڏانهن ڪيس بابت جڊيشل مئجسٽريٽ ملير جي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ چالان منظوري بابت ڌرين جي وڪيلن دليل مڪمل ڪيا.
عدالت ڪيس جي چالان بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو 2 جولاءِ تي ٻڌايو ويندو.