ڏهرڪي ۾ وڪيلن جو گھوٽڪي بار جي اڳوڻي صدر ۽ ٻين تي ايف آءِ آر داخل ٿيڻ خلاف احتجاج

ڏهرڪي ۾ وڪيلن پاران گھوٽڪي بار جي اڳوڻي صدر ۽ ٻين تي ايف آءِ آر داخل ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

وڪيلن سليم اختر، عبدالستار ڀٽو، غلام رسول مهر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪورٽ جي بلڊنگ ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا آڏو دانيهدي چيو ته گھوٽڪي اليڪشن ڪميشن جي ڪرپٽ آفيسرن بنا جواز گھوٽڪي بار جي اڳوڻي صدر سڌام چند ڪيولراماڻي، ثناءُ الله مهر ۽ واحد بخش ڀٽو تي ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي آهي، جنهن جي مذمت ڪجي ٿي.

هنن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته گھوٽڪي جي سينيئر وڪيلن مٿان داخل ڪوڙي ايف آءِ آر ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.