ڪوٽڙي ۾ منشيات مخالف تحريڪ پاران ضلعي ۾ نشي واري شين جي خاتمي لاءِ سيمينار ڪوٺايو ويو.
شهر جي ڀٽائي ڪالوني ۾ ڪوٺايل سيمينار ۾ سماجي اڳواڻن، شهرين ۽ صحافي برادري وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي سيمينار خطاب ڪندي امداد پنهور، يوسف سارنگ، اعجاز سومرو ۽ ٻين مقررن جو چوڻ هو ته ڪوٽڙي شهر سوڌو ڄامشورو ضلعي ۾ منشيات جو وڌندڙ ڪڌو ڪاروبار انتظاميا جي نااهلي جو چٽو ثبوت آهي جنهن ڪري نوجوان نسل تباهه ٿي رهيو آهي.
اڳواڻن اينٽي نارڪو ٽڪس، سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ڄامشوري ضلعي ۾ منشيات جي روڪٿام قدم کڻي نوجوان نسل کي تباهي کان بچايو وڃي.