تيل اگهن ۾ 50 رپين کان به مٿي واڌ جو امڪان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آءِ ايم ايف پروگرام جي بحالي لاءِ حڪومت کي پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ ترتيبوار 23 ۽ 55 رپين جي واڌ ڪرڻي پوندي.

ذريعن موجب گذريل ٻن هفتن دوران پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ ٻه ڀيرا 30 رپيا واڌ ڪرڻ کانپوءِ، امڪان آهي ته حڪومت نئين مالي سال جي شروعات کان اڳ تيل تي سبسڊي مڪمل طور ختم ڪندي.

عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي هاڻوڪي اگهن کي نظر ۾ رکندي پيٽرول تي سبسڊي 23 رپيا جڏهن ته ڊيزل تي 55 رپيا آهي.

اگهن کي اوگرا ايندڙ هفتي حتمي شڪل ڏيندو ۽ پنهنجي سفارشن کان وزيراعظم کي آگاهه ڪندو.

پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ 60 رپيا واڌ ۽ آءِ ايم ايف جي منظور ڪيل بجيٽ پيش ڪرڻ کانپوءِ عام طور خيال ڪيو پيو وڃي ته آءِ ايم ايف پروگرام جي بحالي لاءِ سمورا پيش ڪيل شرط پورا ڪيا ويا آهن

پر معاملو ائين ناهي.

چيو پيو وڃي ته پهريون وڏيون رنڊڪون نئين مالي سال جي شروعات سان تيل تي سمورين سبسڊين جو خاتمو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اگهن ۾ گذريل واڌ وقت پيٽرول ۽ ڊيزل تي باقي رهيل سبسڊي ترتيبوار 9 ۽ 25 رپيا هئي ۽ هاڻي عالمي سطح تي اگهن ۾ واڌ جي ڪري سبسڊي ۾ به واڌ ٿي آهي.

شهباز شريف جي قيادت هيٺ اتحادي حڪومت لاءِ هي تمام گھڻو ڏکيو وقت آهي ڇو جو سڀ اهو ئي سمجهي رهيا هئا ته ڏکيا فيصلا ڪيا ويا آهن پر هاڻي حڪومت کي پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ وڌيڪ 23 ۽ 55 رپيا ترتيبوار واڌ ڪرڻي پوندي.

تيل اگهن تي سبسڊي ختم ڪرڻ بنا آءِ ايم ايف ڪا رعايت نه ڏئي رهيو آهي، پاڪستان ڏکين معاشي حالتن کي منهن ڏئي رهيو آهي جتي ان کي آءِ ايم ايف پروگرام کي بحال ڪرائڻ کانسواءِ ٻيو ڪو آپشن ناهي، هي پروگرام عمران خان جي حڪومت جي آخري ڏينهن ۾ معطل ٿي ويو هو ڇو جو اڳوڻي حڪومت ان جي شرطن کان انڪار ڪيو هو جيڪي آءِ ايم ايف سان طئي ٿيا هئا.

اڳوڻي وزيراعظم عمران خان پاران پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ ڳري سبسڊيون ڏيڻ آءِ ايم ايف سان ڪيل معاهدن جون ڀڃڪڙيون ڪيون هيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.